چوڌري پرويز الاهي پنجاب جي وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو

0
153
چوڌري پرويز الاهي پنجاب
چوڌري پرويز الاهي پنجاب جي وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: چوڌري پرويز الاهي پنجاب جي وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو، رات دير سان ايوان صدر ۾پنجاب جي وڏي وزير جي حلف برداري تقريب ٿي

 صدر ڊاڪٽر عارف علوي پرويز الاهي کان حلف ورتو، گورنر پنجاب طرفان چوڌري پرويز الاهي کان حلف لاءِ معذرت ڪئي وئي هئي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد گورنر هائوس پهتل ڪارڪنن مايوس موٽي ويا…..

پي ڊي ايم سربراھ فضل الرحمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو تھ ٽن ججز جِي بينچ جَي فيصلي سان سپريم ڪورٽ جمهوريت جو عدالتي قتل ڪيو آهي

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته، اسان ڪنهن به فوجي آمريتن کي قبول ناهي ڪيو، عدالتي مارش لائَن کي به ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين

ھي به پڙھندا

حمزه ڪلين بولڊ: پرويز الاهي کي اڄ رات ئي حلف کڻائڻ جو حڪم: ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ڪالعدم قرار: پي ٽي آءِ جو جشن