چوڌري پرويز الاهي وٽ 24 ڪلاڪ آهن، هن وٽ 186 ميمبرز جي حمايت هئڻ گهرجي: عدالت

0
176

لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير کي هٽائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته چوڌري پرويز الاهي وٽ 24 ڪلاڪ آهن، هن وٽ 186 ميمبرز جي حمايت هئڻ گهرجي

اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ چيو ته وڏي وزير کي گورنر جي چوڻ تي اعتماد جو ووٽ وٺڻو آهي، اهو گورنر جو اختيار آهي ته هو وڏي وزير کي ووٽ وٺڻ لاءِ چوي

 جسٽس عاصم حفيظ چيو ته ڪا به ڌر نمبرز کي هٿ لڳائڻ لاءِ تيار نه آهي، سڀ چون ٿا ته جيڪو پهرين ڪندو اهو ئي ڀريندو

جسٽس عابد عزيز شيخ رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن ڌرين ۾ اتفاق راءِ نه آهي ته پوءِ اسان ميرٽ تي فيصلو ڪنداسين

 چوڌري پرويز الاهي گورنر پاران کيس هٽائڻ واري نوٽيفڪيشن کي چئلينج ڪيو هو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ نوٽيفڪيشن تي عملدرآمد معطل ڪندي ٻڌڻي 11 جنوري تائين ملتوي ڪئي هئي