چوڌري فواد کان پوءِ ڪير گرفتار ٿيندو؟

0
172
چوڌري فواد کان پوءِ ڪير گرفتار ٿيندو؟

 چوڌري فواد جي گرفتاري جا ٻيا ڪيترائي پاسا بحث هيٺ آهن پر هن بحث ۾ اهو به سوال موجود آهي ته چوڌري فواد جي گرفتاري جو وقت رات جو ڇو مقرر ڪيو ويو. اهي سوال به چوڌري فواد جا وڪيل هر هر پڇي رهيا آهن ته چوڌري فواد کي هٿڪڙيون هڻي ڇو پيش ڪيو ويو. منھن تي اڇو رومال وجهي پيش ڪرڻ جو مقصد ڇا هو؟ جيتوڻيڪ هينئر يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ چوڌري فواد جي گرفتاري تي ڳالهائيندي چيو آهي ته فواد چوڌري جي گرفتاري وارو معاملو عدالت ۾ آهي پر يوسف رضا گيلاني هميشه اهو به ٻڌائيندو آهي ته چوڌري فواد جڏهن منھنجي حڪومت جو حصو هوندو هو تڏهن سندس انٽرويو به مون ئي ڪيو هو، جڏهن چوڌري فواد يوسف رضا گيلاني جي حڪومت جو حصو هو تڏهن يوسف رضا گيلاني چوندو هو ته  منهنجي حڪومت ۾ ڪو به سياسي قيدي نه آهي. يوسف رضا گيلاني اهو به ٻڌائيندو هو ته جڏهن هو قومي اسيمبلي جو اسپيڪر هو تڏهن شيخ رشيد کي جيل مان اسيمبلي گهرائڻ تي اختلاف به ٿيندا هئا پر هو پارٽي کان مٿاهون ٿي اسپيڪر جو ڪردارا دا ڪندو هو. شهيد بينظير ڀٽو تڏهن وزيراعظم هئي، شهيد بينظير ڀٽو يوسف رصا گيلاني کان ناراض به ٿيندي هئي. بينظير ڀٽو صاحبه جي زندگي ۾ ئي اعتزاز احسن وڪيلن واري تحريڪ هلائي هئي، پيپلزپارٽي جو حصو هوندي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ صدر آصف زرداري جي خلاف وڪيلن جي بحالي لاءِ روڊن تي اعتزاز احسن ان لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪئي، جنهن يوسف رضا گيلاني ۽ آصف زرداري کي مجبور ڪيو ته اهي تڏهن جي چيف جسٽس چوڌري افتخار کي بحال ڪن، پر هاڻي اهو دور ڪٿي رهيو آهي. هاڻي واري دور ۾ اسپيڪر چاهي اسد قيصر هجي يا راجا پرويز اشرف آهي، جنهن طريقي سان پارٽي پاليسي مطابق هلن ٿا، ان مان لڳي نه ٿو ته اهي ڪنهن جمهوري ملڪ جي پارليامينٽ جا اسپيڪر هجن. جنهن عمران خان جي ڪابينا جو چوڌري فواد حصو هوندو هو، ان ڪابينا جي نمائندي طور جڏهن ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد کان ويندي لاهور تائين جڏهن آءِ جي تبديل ٿيندا هئا تڏهن فواد چوڌري چوندو هو ته ظاهر آهي وفاقي وزيرن جا فون به نه کڻندا ته ڇا ڪجي. عمران خان ته چوندو هو ته پوليس کي وقت جي حڪمرانن جا غيرقانوني حڪم نه مڃڻ گهرجن، مون کي اهو ڏينهن به ياد آهي جڏهن مخالف ڌر جي اڳواڻن کي ايترو مجبور ڪيو ويو هو جو اهي شاهد خاقان عباسي احسن اقبال جي صورت ۾ ڊي چوڪ تي پريس ڪانفرنس ڪرڻ آيا ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن هنن سان جيڪو ورتاءُ ڪيو اهو سڄي دنياڏٺو، ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال،مصدق ملڪ تي پادر به اڇلايا ويا، تڏهن اسلام آباد جي پوليس ريڊ زون جي اندر به غائب هئي، سڄي دنيا ٽي وي تي اهي منظر ڏسي رهي هئي، پر اسلام آباد جي پوليس کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اها ڇا ڪري. شاهد خاقا عباسي وارن جڏهن فيڊرل لاجز اندر پريس ڪانفرنس شروع ڪئي ته اسپيڪر اسد قيصر سرڪيولر جاري ڪري حڪم ڪيو ته ٻيهر اهي لاجز ۾ پريس ڪانفرس ڪري نه سگهندا. اسپيڪر اسد قيصر جي اسپيڪر واري آفيس آڏو پروڊڪشن آرڊر لاءِ مخالف ڌر جا ڌرڻا لڳل هوندا هئا. آصف زرداري کان خورشيد شاهه تائين شهباز شريف کان شاهد خاقان عباسي تائين مخالف ڌر جيل ۾ هوندي هئي. سنڌ جو اسپيڪر سراج دراني به جڏهن اسلام آباد ايندو هو تڌهن گرفتار ٿي ويندو هو، پر پي ٽي آءِ ۾ هڪ به اهڙو اڳواڻ نه هوندو هو جيڪو عمران خان جي حڪم خلاف ڪم ڪري، شيخ رشيد جڏهن گهرو کاتي جو وفاقي وزير هو تڏهن لاجز ۾ جيڪو مولانا فضل الرحمان جي پارٽي وارن سان ٿيو، اهو به هر ڪنهن کي ياد آهي. مولانا فضل الرحمان لاجز جي مک دروازي تي ئي سڄي ملڪ ۾ ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، هينئر ئي چوڌري اعتزاز احسن چوڌري فواد جي گرفتاري تي پنهنجي رد عمل ۾ چئي رهيو هو  ته مون کي يقين آهي ته پيپلزپارٽي وارا گرفتارين جي مخالفت ڪندا هوندا، ان ڪري جو اسان پنهنجي دور ۾ ڪو به سياسي قيدي نه رکيو هو. چوڌري اعتزاز احسن عمران خان سان جڏهن ملاقات ڪئي هئي، تڏهن به چيو هو ته عمران خان منهنجو پاڙيسري آهي. ٻيو ته اسان جي پارٽي اهڙي ناهي جو هن ملاقات لاءِ به پڇجي. جڏهن اسان جا نواز شريف سان سخت اختلاف هوندا هئا تڏهن به منهنجو نواز شريف جي وڪيل ٿيڻ تي محترمه بينظير ڀٽو کي اختلاف نه هوندو هو. چوڌري اعتزاز احسن جي اهڙي ڳالهه عمران خان به ٻڌندو هوندو. ڇا عمران خان چوڌري اعتزاز جي اهڙين ڳالهين تي عمل ڪندي پنهنجي دور ۾ ڪنهن به سياسي قيدي نه هجڻ جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو؟ ايئن جيئن چوڌري اعتزاز احسن وڪيلن جي تحريڪ هلائڻ باوجود پيپلزپارٽي جو حصو هو، عمران خان ٻڌائي سگهي ٿو ته سندس پارٽي جا بنيادي ميمبر اڪبر ايس بابر کان ويندي جھانگير ترين تائين جهڙا دوست ڪهڙي ڳالهه جي سزا ڪاٽي رهيا آهن.

اهي سڀ موضوع سامهون آيا آهن، چوڌري فواد جي گرفتاري جي ڪري، هينئر چوڌري فواد جي گرفتاري تي مذمت وارا جيڪي به بيان سامهون اچي رهيا آهن، انهن ۾ اهي نالا به آهن جن مريم نواز جي ڪراچي ۾ موجودگي دوران رات جي وڳڙي ۾ سندس مڙس ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري تي حيرت جو اظهار ڪيو هو. عمران خان ته هينئر تائين چوندو آهي ته شيرين مزاري جيڪڏهن نه روئي ها ته هو نواز شريف کي به ملڪ کان ٻاهر وڃڻ نه ڏئي ها.

چوڌري فواد جي گرفتاري واري ڏينهن ئي شاهه محمود قريشي پنهنجي پارٽي جي ڪارڪنن کي زمان پارڪ لاهور پهچڻ جو سڏ ان انداز ۾ ڏنو ته جيڪڏهن عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو ته اسان مزاحمت ڪنداسين. هونئن ته چوڌري فواد جي گرفتاري اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٿي آهي، پر اهڙي گرفتاري کان پوءِ ان موضوع به ٻيهر ڪر کنيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي جون حڪومتون ختم ڪيون ته پوءِ سندس پارٽي جو ڇا ٿيندو؟ چوڌري پرويز الاهي ته وزيراعليٰ وارن ڏينهن دوران ئي ٽي وي تي اچي چيو هو ته جيڪڏهن پنجاب ۾ حڪومت نه هجي ها ته هنن کي ان رات ئي خبر پئجي وڃي ها جنهن رات لانگ مارچ کان هي اسلام آباد داخل ٿيا هئا. چوڌري پرويز الاهي جون ته هنن ڳالهيون تسليم نه ڪيون هاڻي چوڌري فواد جيڪو چوندو هو ته شهباز شريف جي حڪومت رڳو 27 ڪلوميٽرن تي آهي، ان کي ڪالهه اهو به محسوس ڪرايو ويو ته حڪومت جون حدون ڪيستائين آهن، ان کان اڳ جڏهن شيرين مزاري کي اسلام آباد ۾ پنجاب پوليس گرفتار ڪيو هو، تڏهن شهباز شريف جي پٽ حمزه شهباز جي پنجاب ۾ حڪومت هئي، حمزه شهباز ان وقت ئي شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو،. پر هاڻي شهباز شريف واري حڪومت جو موقف آهي ته چوڌري فواد جي گرفتاري اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٿي آهي.اليڪشن ڪميشن ۾ اڳ ئي عمران خان اسد عمر ۽ چوڌري فواد خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف گٿي زبان استعمال ڪرڻ جو ڪيس هلندڙ آهي. اليڪشن ڪميشن اهڙي ڪيس ۾ عمران خان، اسد عمر ۽ چوڌري فواد جا وارنٽ به جاري ڪري چڪي آهي. جڏهن اليڪشن ڪميشن وارنٽ جاري ڪيا هئا تڏهن چوڌري فواد وارن جو چوڻ هو ته توهين اليڪشن ڪميشن ته اليڪشن ڪميشڻ وارن پاڻ ڪئي آهي. هينئر تائين عمران خان اسد عمر ۽ فواد چوڌري اهڙي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن آڏو پيش نه ٿيا آهن، جڏهن ته راولپنڊي جي عدالت عمران خان اسد عمر چوڌري فواد جاوارنٽ معطل ڪري ڇڏيا آهن پر عدالت اليڪشن ڪميشن کي ڪيس جاري رکڻ لاءِ چيو آهي. چوڌري فواد جي هن گرفتاري تي اهو معاملو به سامهون اچي رهيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي ته پاڻ اهڙا اختيار هئا ته اليڪشن ڪميشن توهين اليڪشن ڪميشن کان ويندي وارنٽ جاري ڪرڻ سان گڏ ڪنهن به ميمبر کي نااهل به ڪري سگهي ٿي، پر سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪوهسار ٿاڻي تي  وڃي ڪيس ڇو داخل ڪرايو. ان جو هڪڙو سبب اهو ٻڌايو پيو وڃي ته فواد چوڌري جيڪا ٻولي استعمال ڪئي، ان ۾اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي خاندانن کي ڌمڪي شامل هئي ٻيو ته اليڪشن ڪميشن اڳ ئي توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪيس ۾ نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي پر اهڙن نوٽيسن تي پي ٽي آئي جي قيادت هينئر تائين پيش نه ٿي سگهي  آهي ان ڪري  جيڪو رستو اليڪشن ڪميشن اختيار ڪيو آهي ان جي توقع شايد فواد چوري وارن کي نه هئي.

اليڪشن ڪميشن ۽ عمران خان جو تڪرار پراڻو آهي. عمران خان ۽ چوڌري فواد معافيون به وٺي چڪا آهن، پر هن ڀيري جيڪو چيف اليڪشن ڪمشنر جي اچڻ کان پوءِ تڪرار شروع ٿيو آهي، ان تڪرار جا ڪيترائي رخ آهن. عمران خان توشا خانه ڪيس ۾ نااهل به ٿي چڪو آهي، ساڳي اليڪشن ڪميشن  کيس ضمني چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهل به سمجهيو آهي پر هينئر جيڪو پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي ٿيو آهي، ان کي به عمران خان اليڪشن ڪميشن جي سازش سمجهي رهيو آهي. عمران خان ان معاملي کي سياستدانن جي ناڪامي نه ٿو سمجهي ته اهو معاملو آخر اليڪشن ڪميشن تائين ڇو آيو. چوڌري پرويز الاهي ۽ حمزه شهباز ان کي ڇو حل نه ڪيو، پر هاڻي عمران خان وارن پنجاب جي نگران وڏي وزير کان ويندي ڪي پي جي ڪابينا کي به تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.عمران خان جڏهن پنجاب ۽ ڪي پي جون حڪومتون ختم ڪري قومي اسيمبلي ۾ واپسي جو اعلان ڪندي شهباز شريف کي ڏکيو وقت ڏيکارڻ جي ڳالهه ڪئي ته اسپيڪر راجا پرويز اشرف عمران خان وارن جون استعيفائون منطور ڪري انهن جي قومي اسيمبلي ۾ واپسي جا دڳ ئي بند ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي انهن سيٽن کان ويندي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن ڪميشن کي چونڊ ڪرائڻي آهي. عمران خان ان سڄي نظام ۽ نتيجن کي ڪيئن تسليم ڪندو خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن حڪومت راجا پرويز اشرف جي صورت ۾، مريم نواز ملڪ واپسي جي صورت ۾ عمران کي جواب ڏيڻ شروع ڪيو آهي تڏهن هڪ پاسي اليڪشن ڪميشن کان ويندي حڪومت تائين قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو واري ٻولي ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي ته ٻئي طرف عمران خان واري پارٽي عمران خان جي گرفتاري کان ويندي عمران خان کي مائينس ڪرڻ واري خدشي جو اظهار ڪري رهي آهي. هاڻي ڏسجي ته چوڌري فواد جي گرفتاري کان پو۽ واري گرفتاري تائين معاملا پهچن ٿا يا معاملا سياسي حل طرف وڌن ٿا.