اسلام آباد (م ڊ) ق ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي طرفان پارٽي سربراهه چوڌري شجاعت حسين کي صدارت تان هٽائڻ جي فيصلي تي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جو ردعمل اچي ويو. چوڌري شجاعت جي پٽ وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته چوڌري شجاعت حسين کي پارٽي مان ڪڍڻ جي ڳالهه ڪرڻ پنهنجي ذهني حالت ٻڌائڻ برابر آهي، چوڌري شجاعت ملڪي مفاد تي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏيڻ ۽ اڪيلي فرد کي نوازڻ بدران سياسي شعور موجب ملڪ ۽ قوم کي ڏڦيڙ کان بچائڻ جو فيصلو ڪيو. سندس موجب چوڌري شجاعت جي ذهني صحت غلاماڻي ذهنيت کان تمام گهڻي بهتر آهي.