چوهڙ جمالي (ن پ ا)  شاهبندر تعلقي جي ڪچي ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ ڪچي جا سمورا ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ٻوڏ متاثرين جي انتظاميا ڪابه واهر نه ڪئي آهي. يوسي گونگاڻي جي ديھه الله بخش شاھ جي ڪچي واري ڳوٺن شاھ محمد شاھ ڀاڏائي سومار ڪونجائي الهڏنو مڙھائي سونو اوٺو ، سهراب نوحاڻي ڪنڊو نوحاڻي سميت سوين ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻي ۾ اچي ويا آھن ڳوٺاڻا بي يارو مددگار ٿي پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيا آھن. روينيو عملي ۽ سجاول ضلعي جي انتظاميه متاثرين جي ڪابه واهر نه ڪئي آھي ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن سيد هاشم شاھ ڀاڏائي هاشم مڙھائي سونو اوٺو ، حنيف نوحاڻي محمد نوحاڻي سليمان ڪونجائي ۽ ٻين ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چيو آھي ته انتظاميه پاران اسان جي ڪابه سار سنڀال نه لڌي ويئي آھي نه ٽينٽ نه راشن مليو آھي مقامي تپيدار پنهنجي من پسند ماڻھن کي راشن ۽ ٽينٽ ڏياري رهيا آھن حقيقي متاثرين جي ڪابه واهر نه ٿي آھي اسان جون زرخيز زمينون ۽ گهر ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آھن هاڻي اسان وٽ کائڻ لاء ڪجھ ناهي اسان ٻچا فاقه ڪشي تي مجبور آھن حڪومت اسان جي ڪابه مدد نه ڪئي آهي هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته اسان کي راشن ۽ ٽينٽ ڏيئي اسان جي واهر ڪئي وڃي اسين تمام تنگ حالت ۾ وقت گذاري رهيا آھيون اسان جي سار لڌي وڃي.