ڪراچي (م ڊ) بيريسٽر اسد رحيم خان چيو ته چونڊ دير ڪيس ۾ فل ڪورٽ جوڙڻ جي ضرورت ناهي، جيڪڏهن ڪو پيچيده آئيني معاملو هجي ته فل ڪورٽ تي ڳالهائي سگهجي ٿو پر هن معاملي ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي،  آئين ۾ اها شئي اڳ ئي واضح آهي ته اسيمبلي ٽٽڻ جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻيون آهن، بيريسٽر ردا حسين به ساڳي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ واضح تقسيم آهي، چيف جسٽس آئيني ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي، جيڪو اسانجي جمهوريت جي تقدير جو فيصلو ڪندو، جڏهن ته مٿس ون مين شو جو الزام لڳايو پيو وڃي، جج پنهنجي فيصلن ذريعي هڪٻئي تي الزام لڳائي رهيا آهن، هن چيو ته هن اپوزيشن ۾ ميرٽ آهي جو فل ڪورٽ جي فيصلن کي وڌيڪ اخلاقي اختيار حاصل هوندو، تنهنڪري فل ڪورٽ جو قيام صرف ڪارروائي ۾ وڌيڪ دير جو سبب بڻجندي، جنهن سان چونڊن جي تاريخ ۾ به دير ٿيندي.