اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي دوران سرڪاري /ناڻي مان اشتهاري مهم هلائڻ تي اليڪشن ڪميشن طرفان صوبائي انفارميشن سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن طرفان صوبائي سيڪريٽري اطلاعات کي چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ سرڪار اليڪشن واري ڏينهن ترقياتي رٿائن جا ميڊيا تي اشتهار هلايا. نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان اشتهاري مهم تي سرڪاري ناڻي مان پئسا خرچ ڪيا ويا، ڪا به سياسي پارٽي سرڪاري ناڻي مان اشتهاري مهم نٿي هلائي سگهي. اليڪشن ڪميشن طرفان صوبائي انفارميشن سيڪريٽري کي اڄ جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪميشنر جي آفيس ۾ پيش ٿي وضاحت ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليو ويندو.