ڪراچي/ اسلام آ باد:  سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ واري پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جسٽس اعجاز الاحسن پي ٽي آءِ جي اپيل تي چيمبر اندر ڪيل ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته تحريڪ انصاف وٽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ فورم آهي،  پي ٽي آءِ  جي درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض درست آهن، واضح رهي  ته پي ٽي آءِ  مڪاني چونڊن جي پهرين ۽ ٻئي مرحلي جي پولنگ خلاف درخواست داخل ڪئي هئي، عدالتي جي  رجسٽرار لاڳاپيل فورم ( هاءِ ڪورٽ) سان رابطي جو اعتراض لڳائي درخواست واپس ڪئي هئي ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ تحريڪ انصاف پاران فوري منع نامو جاري ڪرڻ بابت استدعا رد ڪندي ڄاڻايل درخواست کي به ايم ڪيو ايم جي درخواست سان گڏائي 23 جون تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه تحريڪ انصاف جي اڳواڻن علي زيدي، سدره عمران ۽ رابعه  طرفان داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته گذريل ڏينهن متحده جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم به اسٽي جي درخواست ڪئي هئي، جيڪا پڻ رد ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي درخواستگذارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي مڪاني ادارن جون چونڊون آرٽيڪل 140 اي تحت ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، سنڌ حڪومت اڃا تائين مڪاني قانون کي آئين جي آرٽيڪل 140 اي سان هم آهنگ نه ڪري سگهي آهي، ڪراچي ۾ اولهه ضلعي کي ورهائي نئون ڪياماڙي ضلعو جوڙيو ويو آهي، اهڙي ورهاست سان اولهه ضلعي ۽ ڪياماڙي جي تڪن ۾ تبديليون ٿيون آهن. درخواستگذار جي وڪيل وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته اڃا تائين نوان تڪ نه جوڙيا ويا آهن،  اميدوارن کي به پنهنجن ووٽرز ۽ علائقن جو پتو ئي ناهي. ان موقعي تي عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان پڇيو ته اوهان درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت سان گڏ پيپلز پارٽي کي ڇو ڌر بڻايو آهي؟ عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ  سوين پارٽيون رجسٽرڊ آهن، اوهان انهن کي ڌر ڇو ناهي بڻايو ؟ جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پيپلز پارٽي حڪمران جماعت آهي، هنن پنهنجن مفادن خاطر بدنيتي جي بنياد تي تڪبنديون ڪرايون آهن. عدالت چيو ته سموريون پارٽيون چونڊ وڙهڻ جو حق رکن ٿيون، سنڌ حڪومت کي ڌر بڻائڻ بعد سياسي پارٽي کي ڌر بڻائڻ جو جواز ناهي. ان موقعي تي عدالت جي هدايت تي درخواستگذار جي وڪيل درخواست ۾ پيپلز پارٽي جو ڌر هئڻ بابت نالو درخواست مان ڪڍي ڇڏيو عدالت ڄاڻايل درخواست کي ايم ڪيو ايم جي درخواست سان ڳنڍائي ڪيس جي ٻڌڻي 23 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.