چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي: بلاول، مراد علي شاهه ۽ ٻين کي نوٽيس، پيش ٿيڻ جو حڪم

0
479
چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي

ڪراچي(م ڊ) اليڪشن ڪميشن پشاور ۾ مڪاني چونڊن جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت 7 اسيمبلي ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

30  نومبر تي پشاور ۾ پارٽي جي يوم تاسيس جي جلسي کي بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن خطاب ڪيو هو

اليڪشن ڪميشن موجب بلاول ڀٽو زرداري، قومي اسيمبلي ميمبرن خورشيد شاهه، عبدالقادر پٽيل، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، سعيد غني، نثار کهڙي ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ميمبر نگهت اورڪزئي کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن

ريجنل اليڪشن ڪمشنر موجب خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن پابندي باوجود اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جيڪو سياسي پارٽين جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اسيمبلي ميمبرن سميت سمورن سرڪاري آفيسرن کي مڪاني چونڊن جي مهم ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو ويو، اجلاس کي خطاب سياسي پارٽين جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي

اليڪشن ڪميشن بلاول ڀٽو سميت 7 اسيمبلي ميمبرن کي ريجنل اليڪشن ڪمشنر پشاور 3 ڊسمبر تي صبح 11:30 وڳي طلب ڪري ورتو آهي ۽ پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان حوالي ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

خانصاحب ايترو ظلم ڪر، جيترو پاڻ برداشت ڪري سگهين: بلاول ڀٽو