اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخوا جي وڏي وزير، وزيرن ۽ صلاحڪارن پاران مسلسل چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ جنرل خيبر پختونخوا کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي حڪومت کي ٻڌائن ته اليڪشن ڪميشن چونڊ ضابطه  اخلاق جي خلاف ورزي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي، اهڙي هدايت ڪالهه چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس دوران ڪئي وئي، جنهن اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کانسواءِ چيف سيڪريٽري خيبر پختونخوا ۽ خيبر پختونخوا جي ايڊووڪيٽ جنرل به شرڪت ڪئي، اجلاس دوران اليڪشن ڪميشن اهو به واضح ڪيو ته چونڊن ۾ سمورين سياسي پارٽين ۽ اميدوارن کي برابري جا موقعا هجن، ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي تي ذميوارن خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري خيبر پختونخوا کي هدايت ڪئي ته صوبي اندر قانون جي پاسداري کي يقيني بنائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جو صوبائي حڪومت کي پيغام پهچايو وڃي ۽ چيف سيڪريٽري طور اوهان به صوبي ۾ پرامن چونڊون ڪرائڻ کي يقيني بنائڻ جا پابند آهيو، اليڪشن ڪميشن اهو به واضح ڪيو ته اگر صوبائي حڪومت اليڪشن ڪميشن جي معاونت ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي ٿئي ته اليڪشن ڪميشن صوبي ۾ ضمني چونڊون ملتوي ڪرڻ تي مجبور ٿيندي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي واري ڪيس جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن ۾ ٿيندي، اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان نوٽيس جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.