چونڊ سڌارا ۽ پارٽين جو رويو

0
297

چونڊ نظام ۾ سڌارن جي باري ۾ وزيراعظم عمران خان اعلان ڪندي مخالف ڌر کي دعوت ڏني آهي ته اها سڌارن جي سلسلي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏئي پر ظاهري طور ٻنهي وچ ۾ جنهن قسم جي سياسي ڇڪتاڻ موجود آهي، ان جي ڪري امڪان گھٽ آهي ته حڪومت کي انهن جو سهڪار حاصل ٿيندو. عمران خان ته جن سڌارن جو ذڪر ڪيو آهي، پاڪستان ۾ چونڊ نظام ۾ ان کان به وڌيڪ سڌارن جي ضرورت آهي، پر ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ٻيا سڌارا ته پري جي ڳالهه آهي، هتي ته سياسي پارٽيون اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي معاملي تي ئي اتفاق نه ڪري سگھيون آهن.
وزيراعظم پهرين به چيو هوته “اليڪشن بيلٽ پيپر جي بدران اليڪٽرانڪ ووٽنگ ذريعي ٿئي، ته جيئن هر شخص پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي فنگر پرنٽ کي استعمال ڪندو ۽ اها مشين نادرا جي ڊيٽا بيس سان ڳنڍيل هوندي. ان هڪ قدم سان ڌانڌلي جا سمورا امڪان ختم ٿي ويندا آهن. پر توهان ڏسندا ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي مخالفت ڪنديون، ڇو جو انهن ٻنهي پارٽين پنجاب ۽ سنڌ جي تڪن ۾ هزارن جي انگ ۾ جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي رکيا آهن، جن کي اهي هر چونڊ ۾ استعمال ڪندا رهن ٿا. اليڪٽرانڪ ووٽنگ جو مطلب اهو ٿيندو ته هڪ شخص صرف هڪ ئي ووٽ وجھي سگھندو، ڇو جو ان جي فنگر پرنٽ رڪارڊ ٿي ويندي.” حڪومت اها خواهش به رکي ٿي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ به عام چونڊن ۾ ووٽ جو استعمال ڪري سگھن. سينيٽ چونڊن جي باري ۾ طئي ٿيڻ گھرجي ته اهي هٿ کڻڻ ذريعي ٿين يا اهڙي طرح ڳجھيون هجن جن ۾ وڏين وڏين رقمون استعمال ٿي سگهن . نواز شريف جو چوڻ آهي ته مسئلو چونڊ سڌارن جو نه، ووٽ کي عزت ڏيڻ جو آهي، ووٽ چوري جو مسئلو حل ٿيڻ گھرجي. سڀ ڄاڻين ٿا ته ووٽ جي عزت کي پامال ڪرڻ ۽ عوامي مينڊيٽ چوري ڪرڻ وارا ڪير آهن. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته چونڊن ۽ سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار اصل مسئلو آهي، جيڪڏهن چونڊ سڌارن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار ختم ٿئي ٿو ته ان جو فائدو آهي، نه ته سڌارن جو ڪو فائدو ناهي. چونڊ سڌارن جو ڪم اليڪشن ڪميشن ڪري. شاهد خاقان عباسي منڍئون ڪنهن به چونڊ سڌارن جي ضرورت محسوس نه ٿو ڪري. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بڻائڻ حڪومت۽ پارليامينٽ جو ڪم ناهي. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ کي آئين موجب هلايو وڃي، سڌارن جي ضرورت ناهي، اليڪٽرانڪ نظام بڻائڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، حڪومت جي سرڪس رانديگرن جو نه. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين مسئلن جو حل ناهي، ان مشين سان وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيندا.
چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي، جنهن کي نواز شريف جي دور ۾ قائم ڪيو ويو هو، سفارشن ۽ بل جي مسودي تي ڪميٽي جي ميمبرن صحيحون ڪري ڇڏيون هيون ۽ رپورٽ قومي اسيمبليءَ ۾ اماڻڻ جي تياري هئي ته جيئن ان جي منظوري ورتي وڃي. ان وقت جي قومي اسيمبلي جي پارلياماني ڪميٽي تحريڪ انصاف جي پهرئين ڌرڻي کان هڪدم پوءِ جوڙي وئي هئي، ته جيئن چونڊ قانونن ۾ سڌارا ڪري سگھجن. مهينن نه پر سالن کانپوءِ اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي جون سفارشون سامهون آيون هيون. ڪميٽي اهو مسودو تيار ڪرڻ لاءِ 119 اجلاس ڪيا هئا.ڪميٽي ظاهري طور جيڪا دير ڪئي ان جو ڪو عقل جوڳو سبب سمجھه ۾ نه آيو هو، سواءِ ان جي ته اسحاق ڊار سڌارن ۾ ڇو سنجيده ٿئي ها، ان کي ته اهڙو چونڊ نظام گھرجي جنهن ۾ ان جي قبيلي جا ماڻهو ئي چونڊبا رهن. ان ڪميٽي ظاهري طور جيڪي سفارشون تيار ڪيون هيون، انهن سان پاڪستان ۾ چونڊ عمل ۾ تمام ئي معمولي تبديلي اچي ٿي سگھي، پر چونڊ عمل جي باري ۾ عام ماڻهو جنهن قسم جي تبديلي چاهين ٿا، ڪميٽي ان تي غور ئي نه ڪيو، جيتوڻيڪ اليڪشن ڪميشن عام ماڻهن کان تجويزون پڻ گھريون هيون. ڪميٽي جيڪو مسودو منظور ڪيو هو، اهو اليڪشن ڪميشن جي اختيارن سان گھڻو ئي تعلق رکندڙ هو. عام ماڻهو انتظامي اختيارن سان گڏ گڏ گھڻي ئي تبديلي جا خواهشمند آهن. سڀ کان وڌيڪ اهم ضرورت ته ان ڳالهه جي آهي ته چونڊ تڪ ننڍا ڪيا وڃن، چونڊ تڪن ۾ سياسي ڏاڍ مڙسي جي خاتمي لاءِ بامقصد قدم کنيا وڃن. پاڪستان ۾ چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ سان گڏ گڏ قانون کان سواءِ آئين ۾ اهڙيون تبديليون نهايت ضروري آهن جيڪي ملڪ ۾ حڪمراني کي بهتر بڻائي سگھن. ڇو نه ٿو اهڙو قانون جوڙي سگھجي ته پنجاهه سيڪڙو گھٽ ٽرن آئوٽ واري تڪ ۾ ٻيهر چونڊ ٿئي، ڪامياب اميدوار لاءِ تڪ ۾ وڌل ووٽن جو پنجاهه سيڪڙو حاصل ڪرڻ ضروري هجي. جيڪڏهن اميدوار مقرر تعداد حاصل نٿا ڪري سگھن ته پولنگ ٻيهر ٿيڻ گھرجي. سياست ۾ خاندانن جي اجاراداري کي ختم ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڇو نه ٿي ڪري سگھجي. هي ڪهڙو مذاق آهي ته هڪ ئي خاندان سان تعلق رکندڙ ويجها مائٽ هڪ ئي وقت اسيمبلي ۾ چونڊجي ويندا آهن. ان تي پابندي ڇو نه هجڻ گھرجي. ڇو ضروري آهي ته چونڊ قانون اهڙا ئي بڻايا وڃن جيڪي خاص طبقي ۽ تڪن جي مفادن لاءِ فائديمند ثابت ٿين ۽ ضمانت ڏيندا هجن.قومي يا صوبائي اسيمبلين ۾ ڪو شخص ڪيترا ڀيرا چونڊجي سگھي ٿو، ان تي ڇو نٿو غور ڪري سگھجي. ڪو ته مدو مقرر هجي. ڇو ان سهولت جي آزادي هجي ته ڪو ميمبر سڄي ڄمار چونڊبو رهي. اها ڳالهه ڇو عيب نه ٿي سمجھي وڃي ته قومي اسيمبلي ۾ شڪست کاڌل اميدوار جو سينيٽ جو ميمبر چونڊجڻ جمهوريت جي ڪا خدمت ناهي؟ اهڙو شخص ڌوڙ صوبي جي مفادن لاءِ آواز اٿاري سگھندو جنهن جي ذهن ۾ ذاتي مفاد ڀريل هجي. چونڊ عمل ۾ جهڙي طرح جا بنيادي نقص موجود آهن ۽ ووٽرن جي ناخواندگي، غربت، محرومي، مجبوري، اميدوارن جا سماجي اثر وغيره اهڙا عمل آهن، جن جي پيش نظر پابندين جي ضرورت آهي. حڪمران طبقو ڪڏهن نه چاهيندو ته چونڊ عمل ذريعي اهڙا ماڻهو به اسيمبلي ۾ پهچي سگھن، جيڪي انهن لاءِ چئلينج جو سبب بڻجن يا اهي ماڻهو تڪ جي عام ماڻهن جي مفادن جي نگراني ڪري سگھن. بااثر اميدوارن جي چونڊن ۾ مداخلت ۽ من پسند عملو مقرر ڪرائڻ جي عمل تي پابندي ڇو نه ٿي لڳائي سگھجي؟ بااثر اميدوار من پسند استادن جي پولنگ اسٽيشنن تي مقرري ڪرائيندا آهن ته جيئن اهي انهن جا مددگار ثابت ٿي سگھن. ووٽن جي خريداري جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي،
پيسا ڏئي ووٽرن جا سڃاڻپ ڪارڊ رکيا ويندا آهن، پولنگ واري ڏينهن اهي ماڻهو ان ئي اميدوار جي نشان کي ووٽ ڏين ٿا جنهن جي باري ۾ کين ٻڌايو ويندو آهي. ڇو نه ان سلسلي کي بند ڪرائي سگھجي؟ مفاد پرست ڌريون اهڙي عمل کي جمهوريت جو نالو ڏينديون آهن. ووٽرن کي پولنگ اسٽيشن تي آڻڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ تي پابندي، سپريم ڪورٽ لاڳو ڪئي هئي، پر انتظاميا ۽ اليڪشن ڪميشن ان تي عملدرآمد جي ڪوشش ئي نه ڪئي. پاڪستان ۾ جنهن قسم جون حالتون ۽ سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن جهڙي انداز ۾ اسيمبلين ۾ پنهنجو اثر پيدا ڪري ورتو آهي، ان جي روشني ۾ سخت چونڊ قانونن جي ضرورت آهي، پر موجوده پارليامينٽ جا ميمبر ڇو اهڙيون پابنديون لڳائيندا جن جي ڪري انهن جي خيال ۾ انهن جي مفادن کي ڌڪ رسي سگھي ٿو. پاڪستان ۾ جيڪڏهن طرز حڪمراني بهتر ڪرڻو آهي، عوام جي مفادن جو خيال رکڻو آهي ۽ ملڪ کي حقيقي ترقي جي رستي تي هلائڻو آهي ته معاملن کي نئين سر جوڙڻو پوندو.الطاف گوهر پنهنجي وقت جو اهڙو سول آفيسر هو، جنهن کي انتظامي معاملن جو وسيع تجربو ٿي ويو هو. هن روزاني نواءِ وقت ۾ ڪالم لکيا هئا،جن کي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويو. “لکتي رهين جنون ڪِي حڪايت” جي عنوان ۾ 10 جون 1997ع تي هن لکيو هو ته “پنجاهه سالن کان قوم جاگيرداراڻي نظام جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي، نواب، سردار، خان ۽ وڏيرا عوام جي قسمت جا مالڪ بڻجي چڪا آهن، نه ڪو رياستي ادارو انهن جي پهچ کان محفوظ آهي نه عوام جا حق ۽ جمهوري اصول انهن جي نظر ۾ ڪا اهميت رکندا آهن. قوم کي ان صورتحال مان ان وقت نجات حاصل ٿيندي جڏهن توهان پنهنجو پاڻ ان بي رحماڻي نظام کان پاسو ڪري وٺندئو”.