عمرڪوٽ (رپورٽر) ڪجھه مهينا اڳ ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ يوسي کيجراڙي جي چيئرمين  سيٽ تي چونڊ وڙهندڙ جي ڊي اي اڳواڻ غلام محمد مهر جي گهرواري ٽي اي او فيمل پروين ناز شاھ کي مبينا طور انتقامي ڪارروائي تحت رپورٽ ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد ٽي اي او فيمل پروين ناز شاھ پاران حيدرآباد هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو هو ته بلدياتي اليڪشن ۾ منهنجي مڙس غلام محمد مهر پاران پ پ جي اميدوار سامهون چونڊ وڙهڻ تي صوبائي وزير تعليم مونکي رپورٽ ڪرائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته حيدرآباد هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بئنچ اهڙي پٽيشن ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ٻڌڻي ڪئي، جنهن بعد ڪالھه ٽي اي او فيمل پروين ناز پاران داخل ڪرايل پٽيشن جو فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو ته فوري طور تي ٽي اي او فيمل پروين ناز شاھ کي چارج واپس ڏني وڃي ۽ سندس جاءِ تي مقرر ڪيل رضيا شاھ کي فوري طور تي هٽايو وڃي، ٽي اي او فيمل پروين ناز شاھ عدالت  جو اهڙو حڪم نامو ملندي ئي عمرڪوٽ پهچي ٽي اي او فيمل جي چارج وٺي ڪم ڪار شروع ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان  پروين ناز شاھ ٻڌايو ته مونکي منهنجي مڙس غلام محمد مهر پاران پ پ اميدوار ساجد شاھ خلاف چونڊ وڙهڻ جي ڏوھ ۾ صوبائي وزير تعليم  انتقامي ڪارروائي تحت مونکي ڪراچي رپورٽ ڪرائي هئي پر عدالت  مونکي انصاف ڏيندي واپس ٽي اي او فيمل جي سيٽ جي چارج ڏيرائي ڇڏي آهي.