پشاور (م ڊ) ڪي پي ڪي جي گورنر اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ تي مشاورت لاءِ گهرائي ورتو، گورنر غلام علي اليڪشن ڪميشن جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو، ڪي پي جي گورنر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي 7 يا 8 مارچ تي مشاورت لاءِ گهرايو آهي، سُپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ مشاورت ڪئي پئي وڃي، اليڪشن ڪميشن سُپريم ڪورٽ جي حڪم تحت چونڊن جي تاريخ تي مشاورت لاءِ ڪي پي جي گورنر کي خط لکيو هو.