جروار (ن پ ا) جروار جي ڳوٺ مراد بوزدار جي رهواسي ستار ملڪ کان چونڊڪو ٿاڻي جي حد تجل شريف وٽان پنج هٿياربند 2 لک ڦر ڪري ويا، مزاحمت تي هٿياربندن ڪلاشنڪوف جا قنداڪ ۽ ڪهاڙيون هڻي نوجوان کي شديد زخمي ڪري ويا، علائقي واسين زخمي کي چونڊڪو اسپتال پهچايو، سوراھ پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي ، ڦرجي ويل ڳوٺاڻو ٿريشر ٽريڪٽر ڪاهي مزدوري لاءِ بدين ويل هو، نوجوان بدين کان ڳوٺ جروار واپس اچي رهيو هو ته چونڊڪو ڀرسان اهڙو واقعو پيش آيو.