سکر/ چونڊڪو (نمائندن وٽان) ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم سکر جي ٽيم جعلسازي جي الزام ۾ پرائمري استاد محمد حسن ملاح کي گرفتار ڪيو، بااثر شخصيت جي پٽ ارشاد آرائين ساٿين سان گڏجي ايف آءِ اي ملازمن زمان سومرو، سب انسپيڪٽر ثناءٌ اللھ چاچڙ ۽ ٻين کي يرغمال بڻائي کين تشدد جو نشانو بڻائي استاد محمد حسن ملاح کي ڇڏائي ورتو. ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم جي ايس آءِ محمد زمان سومرو جي فرياد تي هر هڪ نالي ارشاد علي آرادين، نصر الله ڳڀير، لطف علي پنھيار، گل نواز ملاح، اصغر پنھيار، ھمت ناريجو، احسان ڀنڀرو، ضمير ملاح، فضل ملاح ۽ 19 اڻسڃاتلن خلاف سوراهه ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاءَ،هنگامو ۽ گاڏي کي نقصان رسائڻ جو ڪيس داخل ڪرايو. فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسان محمد حسن ملاح انڪوائري سال 2020ع جو 22 نمبر انڪوائري جي جاچ ۾ سائيبر ڪرائيم سکر جي ٽيم ايس آءِ واجد علي، دربان، ايف سي شوڪت علي لانگاھ سان گڏ محمد حسن ملاح کي هٿيڪو ڪيو. جوابدارن هم صلاح ٿي نه صرف جوابدار ڇڏرايو پر ڊيوٽي ۾ مداخلت، هنگامو ۽ گاڏي کي نقصان رسايو. ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم سکر ذريعن موجب چونڊڪو ۾ پرائمري استاد محمد حسن ملاح بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙ فوتي توڙي ٻين عورتن جي جعلي اڱوٺن جي مدد سان جعلسازي ڪري رقم ڦٻائي آھي،