چونڊڪو (ن پ ا) نارا تعلقي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان رٿيل پولنگ  اسٽيشنن تي پ پ اميدوارن جي مٽن مائٽن جون ڊيوٽيون لڳائڻ ۽ قديمي پولنگون تبديلي واري فيصلي کي فنڪشنل مسلم ليگ (جي.ڊي.اي) رد ڪري ڇڏيو. فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻن هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ٽائون ڪاميٽي چونڊڪو جي وارڊ نمبر 01،06،05،03،02،07 ۽ يوسي 31 کينهواري تي پيپلزپارٽي جي اميدوارن رحيم بخش پنهيار، شاهڏنو لغاري، اياز حسين رڏ ۽ اعجاز علي راڄپر جي مٽن مائٽن جون ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن، جي ڊي اي جي اڳواڻن حاجي خادم حسين آرادين، خادم حسين لغاري، گلاب چانگ، پيراڻو ڀنڀرو،آصف سهتو، حبيب الله شر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پ پ ٽائون ڪاميٽي چونڊڪو ۽ يونين ڪائونسل کينهواري تي بيٺل اميدوارن جي مائٽن مٽن جون ڊيوٽيون لڳائي ڌانڌلي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. هنن الزام هنيو ته وڏي وزير جو صلاحڪار منظور وساڻ سياسي مداخلت ذريعي خوني ويڙهاند ڪرائڻ چاهي ٿو. هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، چيف اليڪشن ڪمشنر سميت لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي.