اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 60 ڏينهن ۾ حلف نه کڻندڙ چونڊيل ميمبرن جي سيٽن  کي خالي قرار ڏيڻ لاءِ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو آرڊيننس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي تفصيل موجب ايوان صدر جي ترجمان تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت حاصل اختيار استعمال ڪندي اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ٽئين ترميم جو آرڊيننس 2021ع جاري ڪرڻ لاءِ آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي،  ان آرڊيننس ذريعي اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 72 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، جنهن تحت سينيٽ، قومي اسيمبلي، صوبائي اسيمبلي يا بلدياتي اداري لاءِ چونڊيل ميمبر کي پهرين اجلاس کان 60 ڏينهن اندر حلف کڻڻو پوندو، حلف نه کڻندڙ چونڊيل نمائندن جي سيٽ خالي تصور ڪئي ويندي، ترجمان اهو به ٻڌايو آهي ته جن ميمبرن حلف نه کنيو آهي هن آرڊيننس جي لاڳو ٿيڻ جي 40 ڏينهن اندر کين حلف کڻڻو پوندو، جڏهن ته صدر پاڻي وسيلن بابت پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ايڪٽ ۾ ترميم جو آرڊيننس 2021ع به جاري ڪيو آهي، ان قانون جي سيڪشن 16 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، جنهن تحت پاڻي مامرن بابت ريسرچ ڪائونسل جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ۽ فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ ڪائونسل کي ملازم مقرر ڪرڻ جو اختيار هوندو، ڪائونسل ڪانٽريڪٽ تي صلاحڪار يا ماهرن جون خدمتون به حاصل ڪري سگهندي، ايوان صدر جي ترجمان مطابق صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد سعيد الله کي ڊيپوٽيشن تي احتساب عدالت راولپنڊي ۾ جج مقرر ڪرڻ جي سمري جي به منظور ڪئي ، صدر نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي گريڊ 20 جي آفيسر خواجا شوڪت حسين جي خلاف سول سرونٽ رولز 2020ع تحت ڪارروائي ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي، صدر اسسٽنٽ اٽارني جنرل ٽو ڪوئيٽا نذر محمد جي عهدي تان استعيفا منظور ڪري ورتي آهي.