سڪرنڊ (ن پ ا) جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته بلدياتي اليڪشن ۾ جيڪڏهن چونڊون  چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سي ايم هائوس جو گهيراءُ ڪيو ويندو، هتي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پ پ وارن من پسند آر اوز مقرر ڪرايا آهن، جڏهن ته ماڻهن کان پئسن ۽ ڌمڪين وسيلي ووٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته ان موقعي تي قاري عبدالقيوم چنا، قاري وزير خاصخيلي، احسان الله موروجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،