چونڊون ضرور ٿينديون پر پهريان نواز شريف سان ٿيل زيادتي جو ازالو ٿئي: مريم نواز

0
174
چونڊون ضرور ٿينديون
چونڊون ضرور ٿينديون پر پهريان نواز شريف سان ٿيل زيادتي جو ازالو ٿئي: مريم نواز

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته چونڊون ضرور ٿينديون پر پهريان نواز شريف کي مليل غلط سزائون ختم ٿينديون ۽ عمران خان کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو

ساهيوال ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته چونڊون ضرور ٿينديون، پر پهريان جو ترازو برابر ڪيو وڃي، پهريان نواز شريف سان ٿيل ناانصافين جو ازالو ڪيو وڃي

مريم نواز چيو ته نواز ليگ پاڪستان کي سريلنڪا ٿيڻ کان بچايو آهي، نواز ليگ آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي تي عملدرآمد نه ڪري ها ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪري وڃي ها

مريم نواز چيو ته جيئن چنڊ ​​گرهڻ لڳندو آهي تئين ئي پاڪستان کي پاناما بينچ لڳي، مريم نواز پاناما بينچ ۾ شامل 5 ججز کي به نااهل ڪوٺيو، هاڻ پاناما بينچ آهي نه وري پاڪستان جي ڪٿي عزت بچي آهي

مريم نواز چيو ته جيڪهن پاڪستان ۾ اڄ مهانگائي آهي ۽ ملڪ ڊيفالٽ طرف وڃي رهيو آهي ته اُن جا ذميوار پاناما اسڪينڊل آڻيندڙ ۽ بينچ ۾ شامل اُهي جج آهن

هن چيو ته نواز شريف کي اڪامه ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي ۽ جنهن جا هٿ چوري ۾ رڱيل آهن، اُن کي عدالتون گهرائي نٿيون سگهن، عمران خان کي اڄ به جنرل (ر) فيض حميد جي باقيات بچائي رهي آهي، ڊيم وارو بابا اڄ به جڊيشري ۾ ويهاريل پنهنجن مهرن کان ڪم ڪرائي رهيو آهي

هن کي به پڙهندا

پاڻمرادو نوٽيس: جسٽس اطهر من الله جو نوٽ

چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بينچ ٽٽي پئي، 4 ججز ٻڌڻيءَ کان معذرت ڪري ڇڏي

اسلام آباد جي عدالت ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي منتقل ڪرڻ واري عمران خان جي درخواست رد ڪري ڇڏي