چونڊن ۾ دير تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ جسٽس منصور شاهه ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل جا اختلافي نوٽ

0
228
چونڊن ۾ دير تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس
چونڊن ۾ دير تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ جسٽس منصور شاهه ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل جا اختلافي نوٽ

اسلام آباد: چونڊن ۾ دير تي سُپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس واري ڪيس ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل جا اختلافي نوٽ جاري ٿيا آهن

48 صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس وٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ۽ خصوصي بئنچ جوڙڻ جا وسيع اختيار آهن، اُن جي ڪري سُپريم ڪورٽ تي تنقيد ٿئي ٿي ۽ اُن جي وقار ۾ گهٽتائي ٿي آهي، پاڻمرادي نوٽيس ۽ خصوصي بئنچ بابت چيف جسٽس جي ون مين شو اختيارن جائزو ورتو وڃي

اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو ته جڏهن هڪ ماڻهو وٽ تمام گهڻي طاقت هجي ته اداري جي آمراڻي ٿيڻ جو خدشو موجود هوندو آهي، هي صحيح وقت آهي ته هڪ شخص جي وسيع اختيارن تي نظرثاني ڪئي وڃي

سپريم ڪورٽ جي ٻن ججز اختلافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته چيف جسٽس جي اختيارن کي ريگيوليٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، سڄي عدالت کي رڳو هڪ شخص تي نٿو ڇڏي سگهجي، ججز کي سندن مرضي جي اُبتڙ بئنچ مان ڪڍڻ جي قانون ۾ اجازت ناهي

اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته عدالت سياسي ادارو بڻجي ته عوام جي نظر ۾ اُن جي ساک ختم ٿي ويندي آهي، اهو يقيني بڻائڻو پوندو ته سُپريم ڪورٽ جي فيصلن سان پارليامينٽ جا اختيار محدود نه ٿين

هن کي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ: پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن ۽ گورنرز کان جواب طلب

پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخ بابت درخواست تي لارجر بينچ قائم: ٻڌڻي ڪجهه دير ۾