چونڊن کان اڳ ڇا ٿيندو؟

0
171
عمران خان جي غير حاضري جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا؟

 ھينئر کان ئي مسلم ليگ نواز ۽ پي ٽي آءِ جي وچ تي جيڪو بيانيي جو جھيڙوشروع ٿيو آھي، ان جو اندازو ڪنھن کي به ناھي ته ان جو فائدو ڪهڙي پارٽي کي ٿيندو؟ پر ان بيانيي جو بنيادي موضوع آھي ڪارڪردگي۔ هينئر واري جيڪا نواز ليگ جي حڪومت  آھي ان اچڻ سان ئي اھو بيانيو جوڙيو ته ملڪ عمران خان جي ڪري معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو آھي. ملڪ کي ان معاشي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ حڪومت  کي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. انھن سخت فيصلن جي لاءِ نواز ليگ مفتاح اسماعيل کي ملڪ جي خزاني وارو وزير مقرر ڪيو. مفتاح اسماعيل ايترا ته سخت فيصلا ڪيا جو ملڪ جي عوام کي سمجهھ ۾ ئي نه پئي آيو ته اھي فيصلا سندن حق ۾ ٿي  رھيا آھن يا مخالفت ۾!  نواز ليگ وارن اھو بيانيو به بيان ڪرڻ  شروع ڪيو ته انھن پنھنجي سياست تي رياست کي اھميت ڏني آھي ٻي صورت ۾ جيڪا مقبوليت ھئي ان کي ائين داءُ تي لڳائي عمران خان جي مقبوليت ۾ اضافو  ڇو ڪجي؟ ھا خواجه آصف ايترو پر اعتماد ھيو جو پنھنجي ھر پريس ڪانفرنس ۾ چوندو ھو ته مشڪل  فيصلن کان پوءِ هاڻي اهڙا  فيصلا ايندا جن فيصلن کي خوشخبري تصور ڪيو ويندو. ھي انھن ڏينھن جي ڳالهه  آھي جڏهن مفتتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس دوران پنھنجي جذبات تي ڪنٽرول ڪري نه سگھيو ھو. پريس ڪانفرنس دوران روئيندي ھن سوالن جا جواب پئي ڏنا. مسلم ليگ ن هينئر تازو بيانيو عمران خان جي خلاف اھو جوڙيو آھي ته جڏهن ملڪ معاشي ڌٻڻ  ۾ ڦاٿل آھي ملڪ اندر جڏهن سيلاب اچي چڪو ھو تڏھن به عمران خان سيلاب واري صورتحال کي سامھون رکندي سياسي جلسا پنھنجا بند نه ڪيا. عمران خان سيلاب وارن علائقن ۾ به نه ويو عمران خان پنھنجي تحريڪ ۽ لانگ مارچ وارو قافلو ان وقت به جاري رکيو جڏهن ملڪ جون ٻيون پارٽيون سياسي تحريڪن کان پري ھيون، حڪومت  ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ عمران خان جي به ھئي. اھي پاڻ چو ندا ھئا ته شھباز شريف وارن جي حڪومت  ته رڳو 27 ڪلوميٽر تي آھي پر انھن 27 ڪلوميٽر واري شھباز شريف جي حڪومت عمران خان خلاف سياسي چڙهائي نه انھن جي ڏنل قومي اسيمبلي وارين استعيفائن کي به قبول نه ڪيو هينئر به شھباز شريف واري حڪومت  چئي رھي آھي ته عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي حڪومت  ختم ڪرڻ  جو وقت اھو چونڊيو جڏهن ملڪ جي سياسي قيادت جنيوا ۾ سيلاب زدگان جي مدد لاءِ عالمي اڳواڻن سان مخاطب ھئي، جڏهن ملڪ جي معاشي ٽيم سياسي قيادت سان گڏ آءِ  ايم ايف کي قائل ڪرڻ  ۾مصروف ھئي.

مسلم ليگ ن جي اهڙي بيانيي باوجود هينئر تائين ملڪ ان معاشي ڌٻڻ مان نڪري ناھي سگھيو، ويتر مھانگائي جو طوفان آءِ ايم ايف جي شرطن جي صورت ۾ اھڙو اچي رھيو آھي جنھن ۾ مسلم ليگ نواز کي خوف آھي ته آھي ان طوفان ۾ لڙھي نه وڃن. نوازشريف مفتاح اسماعيل کي لنڊن گھرائي وزارت واپس وٺي اسحاق ڊار حوالي ڪئي پر ھينئر تائين اسحاق ڊار جو جادو به ھلي نه سگھيو آھي. شھباز شريف حڪومت  جي اهڙي  صورتحال کي سامھون رکندي عمران خان زمان پارڪ ۾ ھوندي جيڪو بيانيو بڻائي رھيو آھي، اھڙو بيانيو عمران خان لانگ مارچ دوران به جوڙي نه سگھيو  ھو. عمران خان واري پارٽي حڪومت  خلاف وائٽ پيپر جاري ڪري چڪي آھي، حڪومت وٽ هاڻي چوڻ لاءِ اھو جواز به ناھي رھيو ته اھو سڀ ڪجهه عمران خان جي حڪومت  جي ڪري ٿيو آھي.

عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي حڪومت ڊزالو ڪري قومي اسيمبلي ۾ شھباز شريف کي ڏکيو ڪرڻ  جو جيڪو پلان جوڙيو ھو، اھو پلان ايم ڪيو ايم جي اتحاد کان الڳ نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪامياب ٿيندي نظر نه آيو. ٻي صورت ۾ شھباز شريف کي صدر عارف علوي اعتماد جو ووٽ  وٺڻ لاءِ  چئي ڇڏي ھا. پي ٽي آءِ جنھن پنھنجون پنجاب ۽ ڪي پي ڪي حڪومتون ختم ڪيون ھيون محسوس ائين ٿيو ته اھي قومي اسيمبلي مان استعفيٰ ڏيڻ لاءِ  اسپيڪر آڏو پاڻ  اچي پيش ٿيندا پر ھن ڀيري انھن اھو يوٽرن ورتو آھي ته اسيمبلي ۾ نه رڳو واپس ايندا پر مخالف ڌر واري اڳواڻ کان ويندي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جا عھدا به وٺندا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جنھن ڪجهه  ڏينھن اڳ تائين انھن کي پارليامينٽ ۾ واپس اچڻ لاءِ پئي چيو، جنھن استعيفائن جي پاڻ  تصديق وارو آئيني اختيار پئي سمجھايو. ان اسپيڪر راجه پرويز اشرف نه رڳو پي ٽي آءِ وارن جي 35 ميمبرن جي استعيفيٰ قبول ڪئي پر هاڻي چيو پيو وڃي ته ڪهڙي وقت به وڌيڪ  35 ميمبرن جي استعيفيٰ قبول ڪئي ويندي.

ھڪ طرف ملڪ اندر پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ صوبائي سطح جون چونڊون ٿيڻ طرف وڃي رھيون آھن جتي جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته سخت مقابلي جا امڪان آھن، اتي ئي قومي اسيمبلي وارين سيٽن تي پي ڊي ايم چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪيو آھي. ان ڪري جو اھي ضمني چونڊون آھن. ٻئي طرف عمران خان ھر سيٽ تي پاڻ  اميدوار طور سامھون ايندو، جنھن جو مقصد ته ھنن 33 سيٽن کان علاوه به جيڪڏهن 35 سيٽن تي استعيفائون قبول ٿين ٿيون ته عمران انھن سمورين سيٽن تي پاڻ  اميدوار ھوندو. ائين ملڪ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ھوندو جو ھڪ طرف حڪومت  ھجي ٻئي طرف سمورين سيٽن تي کٽي آيل عمران خان ھجي، جيڪو قومي اسيمبلي اچي حلف به نه کڻندو. ملڪ جيڪو معاشي ڏيوالپڻي کي منھن ڏئي رھيو آھي اھو ھنن اليڪشنز اندر ڪيترو  خرچ ڪندو ان جو اندازو به نه ٿو لڳائي سگھجي. اليڪشن ڪميشن جي چونڊ  ضابطن واري قانون باوجود جيڪو خرچ ٿيندو  آھي، ان جو ڪاٿو ته اليڪشن ڪميشن به لڳائي ناھي سگھندي. هينئر به ته ڪراچي حيدرآباد واري بلدياتي چونڊ واري ڏينھن اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو ته چونڊن واري ڏينھن ٽي وي تي اشتھار ڪيئن ٿا ھلن.

اسلام آباد ۾ رڳو اهي ڳالهيون نه آهن ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊ ٿيندي به يا نه. اهي ڳالهيون به ٿي رهيون آهن ته چونڊون سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت ٿين ته جيئن ملڪ اندر عدم استحڪام واري صورتحال کان بچي سگھجي. ان ڪري چونڊن جا مهينا اپريل مئي جون جولاءِ کان ويندي آڪٽوبر تائين ڏسيا پيا وڃن، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي جون چونڊون آئين مطابق نوي ڏينهن اندر ڪرائڻ لازمي  آهن، هاڻي آئين ۾ اها گنجائش ڪهڙا قانوني ماهر ڪڍندا، جنهن سان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون چونڊون به قومي اسيمبلي سان گڏ ٿين. هينئر ته چوڌري پرويز الاهي چوي پيو ته نگران وڏو وزير به اليڪشن ڪميشن جو تسليم نه ڪنداسين. ان خلاف سپريم ڪورٽ وينداسين. مطلب نگران وڏو وزير به اهو هجي جنهن جو نالو عمران خان ڏنو آهي. اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وڌندو ئي پر سياسي معاملن کي جهڙي طريقي سان عدالتن ۾ آندو پيو وڃي ان سان عدالتن ۾ به آئيني ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. رڳو معاملو اسپيڪر جو ناهي، جنھن کان مطالبو هجي ته استعيفا قبول ڪيو يا عهدا واپس ڏيو، پر اهڙا مطالبا عدالتن کان به آهن ته پي ٽي آءِ جو چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن وارو ريفرنس  ڇو نه ٿو ٻڌو وڃي، جيڪڏهن انهن جي مطالبن تي عمل ڪندي ريفرنس ٻڌو وڃي ته پوءِ خبر ناهي چونڊون ڪير ۽ ڪيئن ڪرائيندو؟ ساڳي اليڪشن ڪميشن اندر عمران خان جو توهين اليڪشن ڪميشن وارو ڪيس به هلي رهيو آهي ته ساڳئي وقت اليڪشن ڪميشن اندر عمران خان جو توهين اليڪشن ڪميشن وارو ڪيس به هلي رهيو آهي ته ساڳئي وقت اليڪشن ڪميشن عمران خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو آهي. عمران خان کي اليڪشن ڪميشن توشه خانا ڪيس ۾ نااهل به ڪيو هو، جنهن کان پوءِ عمران خان ضمني چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهل به هو، ان ئي اليڪشن ڪميشن اندر عمران خان خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس پارٽي چيئرمين شپ واري ڪيس کان ويندي مني لانڊرنگ وارو ڪيس به موجود آهي. اهو سوال به موجود آهي ته جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته عمران خان چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهل به هوندو يا نواز شريف جيان نااهل ٿي رڳو چونڊ مهم هلائيندو.

نواز شريف کان اڳ مريم نواز ته 27 تاريخ تي ملڪ واپس اچي رهي آهي، پر نواز شريف پنهنجي واپس اچڻ کان اڳ ئي اهي خبرون آهن ته نواز ليگ جا شاهد خاقان عباسي وارا مفتاح اسماعيل سان گڏ نئين پارٽي ٺاهي رهيا آهن. ان کان اڳ اهڙي نئين پارٽي واريون ڳالهيون پي ٽي آءِ اندر جھانگير ترين جي روپ ۾ نئين پارٽي جون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون ته ڏکڻ پنجاب وارا عمران خان کي ڇڏي جهانگير ترين سان وڃي ملندا، پر هاڻي ساڳي صورتحال نواز ليگ اندر به گروپ بندي جي نظر اچي رهي آهي. چونڊون جڏهن به ٿين پر هاڻي چونڊن کان اڳ  ڇا ڇا وڌيڪ ٿيندو ان جي خبر اڃا ڪنهن کي به ناهي.