ڪراچي (م ڊ) ضمني چونڊن دوران مختلف شهرن ۾ جهيڙا به ٿيندا رهيا، فائرنگ ڪئي وئي، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ملتان ۾ پ پ جي علي گيلاني جو ٽريفڪ وارڊن سان جهيڙو ٿيو، وارڊن تي ووٽ وجهرائڻ جو الزام لڳايو، ملتان ۾ پي پي ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙي بعد فائرنگ ڪئي وئي ٻارڙِي سوڌو 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ننڪانه صاحب ۾ نواز ليگ جي پولنگ ڪيمپ تي حملو ڪيو ويو، ليگي اميدوار شذره منصب موجب سندس پولنگ ڪيمپ پٽي وئي ڪرسيون ٽوڙيون ويون، جڏهن ته پشاور ۾ تڪ اين اي 31 ۾ سياسي مخالف آمهون سامهون ٿي ويا، هڪ پولنگ اسٽيشن ۾ تحريڪ انصاف ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي پولنگ ايجنٽن ۾ جهيڙو ٿيو، هڪٻئي تي لتن مڪن جو وسڪارو ڪري ڏنو.