پاڻ کي محفوظ نٿو سمجهان پر اندر نه ويهندس: عمران خان

0
234

لاهور (م ڊ)  تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو ته پاڻ کي محفوظ نٿو سمجهان، پر اندر نه ويهندس، منهنجي خلاف ڪو اهڙو ڪيس ناهي جنهن ۾ نااهلي ڪيو وڃي، عام اليڪشن جي تاريخ نه ملي تڏهن به روڊن تي اچڻ جو ڪو آپشن غور هيٺ ناهي، مونکي نااهل ڪيو ويو ته به ماڻهو پي ٽي آءِ جي نظريي کي ئي ووٽ ڏيندا، مون وٽ گهڻا ڪارڊ آهن، کيڏيا ته پي ڊي ايم جا وار ڪانڊارجي ويندا

لاهور ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي  ۽ هڪ خابرو اداري کي انٽرويو دوران عمران خان چيو ته پنجاب جي گورنر ايڊوائس ۾ چونڊن جي تاريخ نه لکي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، سندس ان قدم کي عدالت ۾ چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊون نه ٿيون ته سريلنڪا جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي

مون وٽ اڃا گهڻا ڪارڊ آهن، کيڏندس ته پي ڊي ايم وارن جي لونءَ ڪانڊرجي ويندي، پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ پي ڊي ايم لاءِ هڪ اهڙو شاٽ آهي، جنهن جي گونج صدين تائين ٻڌي ويندي، پي ڊي ايم ناڪام ٿي چڪي آهي، ان وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه ناهي، پي ڊي ايم گڏيل طور عوام جي وسيلن کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو، صرف تحريڪ انصاف جي حڪومت ئي ملڪ کي انهن بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ٿي

عمران خان چيو ته اسحاق ڊار بابت رڳو ايترو چوندس ته هو سڄي معاشي تباهي جو ذميوار آهي، نواز ليگ جي اندر ڏڦيڙ جي حوالي سان سنجيده آواز ٻڌي رهيا آهيون، نواز ليگ جي موروثي سياست خلاف پهريون آواز چوڌري نثار اٿاريو، نواز شريف قطعي سياستدان ناهي. عمران خان ان کان اڳ بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته منهنجي زندگي کي خطرو آهي پر ڇپ لڪي ويهڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، هي اليڪشن جو سال آهي، چونڊ مهم هلائينداسين، عوامي ريلين ۾ بُلٽ پروف اسڪرين لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي

هن چيو ته حڪمران مونکي نااهل ڪرائڻ چاهين ٿا،  نوان نوان ڪيس ٺاهي رهيا آهن پر اهڙو ڪوبه ڪيس ناهي، جنهن ۾ مونکي نااهل قرار ڏئي سگهجي. تحريڪ انصاف چيئرمين هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ته معاشي استحڪام آزاداڻي ۽ شفاف چونڊن سان ئي ممڪن آهي، فوري چونڊون نه ٿيون ته موجوده اقتصادي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي، پاڪستان کي سريلنڪا جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، جيڪڏهن عام چونڊن جو اعلان نه ڪيو ويو ته روڊن تي احتجاج جو ڪوبه آپشن غور هيٺ ناهي

هي به پڙهندا

ڪو به ملڪ چئلينجز کي اڪيلي سر منهن نه ٿو ڏئي سگهي: بلاول ڀٽو زرداري