اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ جي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت فيصلي تي بينچ جي 2 ميمبرن درخواستن کي ٻڌڻ جوڳو نه هجڻ تي اعتراض ڪيو ۽ اختلافي نوٽ پڻ لکيو. جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس جمال مندوخيل فيصلي تي اختلافي نوٽ لکيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 3/184 جي تحت اهو ڪيس ٻڌڻ جوڳو نه آهي. عدالت کي پنهنجو 3/184 جو اختيار اهڙن معاملن ۾ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن تي لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏئي چڪي، سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس تي پاڻمرادو نوٽيس نٿي وٺي سگهي. پشاور ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ 3 ڏينهن ۾ چونڊن جون درخواستون اڪلائي ڇڏيون، جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس اطهر من الله جي نوٽيس سان اتفاق ڪريون ٿا. اختلافي نوٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چونڊن تي پاڻمرادو نوٽيس جون درخواستون رد ڪريون ٿا، ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس بڻجي ئي نٿو، 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي درخواست کي رد ڪريون ٿا.