پشاور(م ڊ) هلندڙ سال رمضان شريف جو چنڊ ڏسڻ لاءِ چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جي اجلاس لاءِ حڪومت جي بچت واري پاليسي کي پٺي ڏيندي ڪي پي حڪومت پرتڪلف دعوت جو اهتمام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪاميٽي جي دعوت لاءِ 22 طعام تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ان جو ٽينڊر به جاري ڪيو جيڪو خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد رد ڪيو ويو. مليل اطلاعن موجب رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جو اجلاس 22 مارچ تي ٿيڻو آهي جنهن ۾ چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ پشاور ۾ به اجلاس ٿيڻو آهي جنهن لاءِ صوبائي حڪومت بهترين مينو ڪارڊ جوڙيو جيڪو منظر عام تي اچي ويو آهي. ان پروگرام لاءِ 100 وي آءِ پيز لاءِ ماني جو بندوبست ڪرڻ جو چيو ويو جنهن ۾ چانورن سان گڏ دم پخت، نارنگ چانور وڏي گوشت سان، مڪس ڀاڄيون، چڪن تڪا بوٽي، نان، سيخ ڪباب، رشين سلاد، تازو سلاد، حلوو، منرل واٽر، ڪولڊ ڊرنڪ جو بندو بست ڪرڻ جو چيو ويو جڏهن ته 100 عام ماڻهن لاءِ نارنج چانور ۽ وڏو گوشت، ڪڪڙ جو ٻوڙ، مڪس ڀاڄيون، سيرو، نان، ڪولڊ ڊرنڪ، آجياڻي جي چانهه ۾ ڪاري چانهه، پيسٽريون، پيٽيس، سينڊوچ ۽ بسڪٽ پيش ڪرڻ جو چيو ويو جنهن لاءِ ٽينڊر به گهرايو ويو. اها خبر جڏهن سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي وائرل ٿي ته اهو فيصلو واپس ورتو ويو.