چنڊ تي انسان پهتو ؟ مريخ تي پهچڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو ؟ … الفت حسين پتافي

0
179

 سٺ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اڄ جهڙا طاقت وارا ڪمپيوٽر نه هيا، ان جو اندازو ان مان لڳايو ته ان ڪمپيوٽرز جي RAM 1 MB کان به گهٽ هئي، اڄڪلهه جي عام ڪمپيوٽر ۾ به 8GB RAM هوندي آهي. ان زماني ۾ تقريبن سڄو ڪم مينيوئلي ڪيو ويندو هيو. ان وقت ناسا جي سافٽ ويئر انجنيئر مارگيريٽ هيملٽن جيڪي پروگرام يا ايلگورٿم لکيا هيا اهي اوهان هن تصوير ۾ ڏسي سگهو ٿا. سندن محنت کي سلام.

                         ڪافي درويش قسم جا ماڻهو اڃا به اهو سمجهندا آهن ته چنڊ تي انسان ويو ئي نه آهي، اهو صرف آمريڪين جو ڊرامو هو ته ڪئين به ڪري روس کي لِنڊ ڏجي. پر حقيقت اها آهي ته ان سڄي پروجيڪٽ جي ڪمن جون هزارن ڪلاڪن جون وڊيوز موجود آهن، سوين انجينئرز، سائنٽسٽس ۽ ٽيڪنيشنس ان ڪم جو حصو هيا ۾ اربين ڊالرن جا فنڊز هن پروجيڪٽ تي لڳا هيا.

                         چنڊ تي فيڪ لينڊنگ وارن دعويدارن لاءِ اهوئي ڪافي آهي ته فيڪ ڏيکارڻ لاءِ جيڪو ڊرامو ڪيو ويو ان تي به ايترو ئي خرچ آيو هوندو جيڪو  چنڊ تي وڃڻ کان به وڌيڪ مهانگو پيو هوندو.

اوهان گوگل تي ان سافٽ ويئر انجنيئر جي پروفائل به ڏسي سگهو ٿا.

چنڊ تي وڃڻ واري مشن ويٺي ويٺي حقيقت نه بڻيو هيو پر ان پروجيڪٽ دوران ڪيترن ئي خلاباز ٽيسٽ فلائيٽ دوران خلائي جهاز ڦاٽڻ ڪري موت جي ور چڙهي ويا هيا، ۽ اهو سڀ ريڪارڊ جو حصو آهي.

اڄ به جڏهن ايلان مسڪ مريخ تي وڃڻ جي تيارين ۾ آهي ته سندس اربين رپين جا ڪيئي راڪيٽ ٽيسٽ فلائيٽ ۽ لينڊنگ دوران تباھ ٿي ويندا آهن پر انسان جي جستجو ان وقتي ناڪاميابين تي ختم نه ٿي ٿي سگهي.

مريخ تي انسان جي وڃڻ شايد چار پنج سال ئي آھن ۽ اڄ جي ٽيڪنالوجي جي دور ۾ اسان اها ستن مهينن جي نان اسٽاپ خلائي سفر live به ڏسي سگهندا سين ۽ اهو به ثبوت هوندو ته چنڊ تي انسان ويو آهي ۽ اها هڪ حقيقت آهي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)