هنوئي/تل ابيب (دلچسپ نيوز) سائنسدانن چمڙي کان پاڻ بچائڻ لاءِ کڙکٻيتي جي انوکي آواز جو انڪشاف ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ويٽنام ۽ اسرائيل جي سائنسدانن کڙکٻيتي جي انوکي آوازجو انڪشاف ڪيو آهي، تل ابيب يونيورسٽي ۾ سائنسدانن کڙکٻيتي جي چئن قسمن تي تجربو ڪيو، جنهن بعد جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته کڙکٻيتي جو اهو الٽراسونڪ آواز چمڙي کي منجهائي ڇڏيندو آهي ڇاڪاڻ ته چمڙواهوآواز ٻڌي ڀرپاسي خطرو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو ۽ پوءِ ان آواز واري پاسي نٿو وڃي. رپورٽ موجب کڙکٻيتواهو انوکو آوازپنهنجي کنڀن کي تيزهلائي ڪڍي ٿو جيڪو انسان ته نٿو ٻڌي سگهي پر اهو آواز تيزي سان چمڙي جي ڪنن تائين پهچي وڃي ٿو.