چمڙي جو جهاز جهڙو پرس وٺو يا مسافر جهاز خريد ڪيو ۽ 7 هزار ڊالر بچايو

0
345

نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي فيشن ڊزائنر چمڙي جو اهڙو پرس ڊزائن ڪيو آيه جيڪو هوائي جهاز جيان نظر اچي ٿو، پر ان جي قيمت به هوائي جهاز کان وڌيڪ آهي. آمريڪي ڪمپني لوئي ويٽن ۾ مينزويئر آرٽسٽڪ ڊائريڪٽر ۽ فيشن ڊزائنر ورجل ايبلوه اهو پرس ڊزائن ڪيو آهي جيڪو ڪيترن ئي مهينن کان ڪمپني جي ويب سائينٽ تي وڪري لاءِ رکيو ويو آهي پر گذريل هفتي هڪ صارف پرس ۽ سيسنا هوائي جهاز جي قيمت ۾ ڀيٽ ڪئي ته انڪشاف ڪيو ته اي بي تي سيڪنڊ هينڊ مسافر سيسنا هوائي جهاز 32 هزار ڊالرن ۾ ملي ٿو جڏهن ته پرس جي قيمت 39 هزار ڊالر آهي جيڪو سيسنا جهاز کان به 7 هزار ڊالر مهانگو آهي. اها پوسٽ به شيئر ڪري وائرل ڪئي وئي.