چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ يوسي مسوبوزدار جي پولنگ اسٽيشن غلام حسين لغاري ۾ في ميل بوٿ ۾ ووٽ ڏيندي ماتلي ڀرسان انصاري مل جي رھواسي 25 ورھين جي شريمتي کميا ڪولھي ووٽ ڪاسٽ دوران پنھنجي پھرين پٽ کي جنم ڏنو، جنھن بعد سڄي پولنگ جي عورتن ۾ خوشي جھڙو ماحول پيدا ٿي ويو، سڀني عورتن سندس پٽ جو نالو اسڪول ۾ جنم ٿيڻ جي ڪري علم رام رکيو، جنم وٺندڙ علم رام جي پيءُ آتم ڪولھي ٻڌايو ته منھجي گھر واري کي ماتلي جي ھڪ ليڊيز ڊاڪٽر ڊليوري جي لاء آپريشن جو چيو ھو ۽ آئون اڄ ڏاڍو خوش آھيان، جو منھجي گھر واري جي ڊيلوري ھن پولنگ اسٽيشن تي ٿي آھي.