چمبڙ ويجھو گاڏي ڪلٽي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 ڄڻا زخمي

0
259
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار

چمبڙ(ن پ ا) چمبڙ ويجھو عالماڻي زرعي فروٽ فارم وٽ تيزرفتار سوزڪي پڪ اپ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي چمبڙ رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي، زخمين ۾ ابراھيم، عذير، اياز علي، گل نور، ساجن، عبدالڪريم خاصخيلي مسمات امينا، مسمات پٺاڻي ۽ ٻيا شامل آھن، زخمي ٿيندڙ چمبڙ ڀرسان جلال موري کان ٽنڊوالهيار ڏانهن شادي جي تقريب ۾ وڃي رهيا هئا ته کين حادثو پيش آيو.