چمبڙ(ن پ ا) چمبڙ ويجھو ڳوٺ دليل لنجواڻي باگڙي ۾ باڳڙي برادري جي 6 گھرن کي چلھ مان چڻگ اٿڻ سبب باھ لڳي وئي، سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي تہ باگڙي برادري جا ماڻھو پنھنجي ڪٽنب سان گڏ مزدوري خاطر ڪڻڪ جي لاباري تي ويل ھئا ته سندن ڪچي گھرن ۾ موجود ٻارڙن رڌ پچاء لاء چلھ ۾ باھ ٻاري ته اوچتو گھرن کي باھ لڳي وئي، تيز ھوا لڳڻ سبب ڏسندي ڏسندي باھ پورھيتن جي 6 گھرن کي وڪوڙي وئي. متاثرن ۾ بچايو باگڙي، ھري داس، نارائڻ داس، اجي باگڙي، ڀگوانو، ارجڻ، لال داس، ليلو باگڙي ۽ ٻيا شامل آهن. ھنن چيو ته باھ سڀ ڪجھ ساڙي ڇڏيو آهي. گھرن ۾ پيل مزدوري جا 80 مڻ ڪڻڪ جا داڻا، ھنڌ بسترا کٽون، پيتيون پيتين ۾ پيل نياڻين جو ڏاج سڙي رک ٿي ويو. چار ڏينھن اڳ حيدرآباد جي واپارين کان انبن جي باغن لاء 5 لک رپيا کڻي آياسون باغ جو سودو ڪري پيسا ڏيڻا ھئا جيڪي سڀ باھ ۾ سڙي رک جو ڍير ٿي ويا آھن. هنن تڪ جي چونڊيل نمائيندن ۽ سرندي وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آھي.