چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ ۾سنڌ ھاري ڪاميٽي ۽ ڪميونسٽ پاران ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ خلاف 6 هين ڏينهن به بک ھڙتال جاري رکي وئي، ان موقعي تي  مبارڪ رستماڻي، گلاب ڀيل، ارباب رستماڻي، حيدر بخش کوسو ۽ ٻين چيو ته تعلقي مان برساتي پاڻي نيڪال ناھي ٿي سگھيو، متاثر بي يارو مددگار ٿي بکون پيا ڪاٽين، پاڻي نيڪال ڪرائي متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.