چرس اسمگل ڪيس: سرور راهپوٽو پارسل ڏيئي ڪراچي پهچائڻ جو چيو: گرفتار سي آءِ اي اهلڪار

0
566

ڪراچي: چرس اسمگل ڪيس ۾ گرفتار سي آءِ اي اهلڪارن بيان ڏيندي چيو آهي ته سب انسپيڪٽر سرور راھپوٽو، اصغر پنهور ۽ نثار ڀٽي جي چوڻ تي اسان ڄامشوري مان ڪراچي لاء موبائل تي نڪتاسين، اسان کي پارسل ڏئي چيو ويو تہ ھي ڪراچي پھچائڻو آھي، شيرين جناح ڪالوني ۾ همراهه توهان کان وٺندو، هن چيو ته اسان کي خبر نہ ھئي تہ پارسل ۾ ڇا آھي، اسان صرف آفيسرن جو حڪم مڃيوسين، اسان جڏھن ڪراچي پھتاسين تہ سرور راھپوٽو ڏي فون ڪئي، جنھن تي سرور راھپوٽو چيو تہ انتظار ڪيو ھمراھ اچي پيو توھان وٽ، اڌ ڪلاڪ بعد سرور راھپوٽو جو نمبر ملايو تہ بند ھيو، هن چيو ته اسان انتظار ڪري ئي رھيا ھئاسين تہ رينجرز وارا اچي ويا ۽ انهن پارسل جون سيلون کوليون اسان بيگناھھ آھيون اسان کي خبر ئي نہ ھئي تہ ھن پارسل ۾ چرس پيل آھي. اسان آفيسرن جو حڪم مڃيو آھي، ڇا اھو اسان جو ڏوھ آھي؟