چاهي ڪجهه به ٿئي نوازشريف واپس نه ايندو: چوڌري شجاعت

0
339
چوڌري شجاعت کي ق ليگ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قاف ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته اڄڪلهه هر ڪنهن کي نوازشريف جي اچڻ وڃڻ جو فڪر لڳل آهي، چاهي ڪجهه به ٿئي نوازشريف واپس نه ايندو

چوڌري شجاعت حسين پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن سندس پارٽي ۽ ڪارڪن ائين چون ته ٻي ڳالهه آهي، جڪي وزارت عظميٰ جا اميدوار آهن اهي نوازشريف جي وطن واپسيءَ جي ڳالهه ڪن اها مذاق آهي

هن چيو آهي ته  نواز شريف جي وطن واپسيءَ مان نڪرڻ ۽ عوامي مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي

هن چيو آهي ته هي سال ڪم ڪرڻ جو آهي، جيڪڏهن انهن ئي ڪمن ۾ لڳل رهندئو ته پوءِ ملڪ جو الله ئي حافظ آهي

چوڌري شجاعت حسين چيو ته  جيڪڏهن ڪا پارٽي يا اڳواڻ مهانگائي جي خاتمي لاءِ پارليامينٽ ۾ ڪو مثبت لائحه عمل پيش ڪري ٿو ته مان پنهنجي ميمبرن کي چوندس ته ان کي ضرور ٻڌن

هن چيو ته جيترا پيسن جا الزام نوازشريف تي هئا ان کان وڌيڪ ته ان جي ڪيسن تي خرچ ڪيا ويا آهن

واپسي لاءِ گارنٽي جي ڳالهه ٿا ڪيو ياد رکو، زندگي ۽ موت جي ڪا به ضمانت نٿي ڏئي سگهجي