چاهيندي آهيان ته سڀ ڇوڪريون دانش تي مَرن:عائزا

0
595

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا عائزا خان چيو آهي ته مڙس دانش تي سڀ ڇوڪريون مَرن.شوبز انڊسٽري جي خوبصورت جوڙي اداڪارا عائزا خان ۽ اداڪار دانش تيمور هڪ نجي ٽي وي شو ۾ شريڪ ٿيا، جنهن دوران عائزا شادي کان اڳ پنهنجي آئڊيل بابت ڳالهه ڪئي.اداڪارا انڪشاف ڪيو ته خواهش هئي منهنجي شادي اهڙي ڇوڪري سان ٿئي،جيڪوهيرو هجي ۽ دنيا جون سڀ ڇوڪريون ان تي مَرن، منهنجي شادي دانش سان ٿي وئي، تنهنڪري هاڻ مان چاهيان ٿي ته ڇوڪريون دانش تي مَرن.سندس موجب مان پنهنجي دوستن کي اڄ به چوندي آهيان ته سوچيندي هيس منهنجي شادي ڪنهن هيرو سان ٿئي ۽ ٿي وئي، هاڻ مان دانش کي تيار ڪري موڪليندي آهيان ۽ چاهيندي آهيان ته ڇوڪريون ان مَرن ۽ دانش مون تي مَري.واضح رهي ته عائزا خان ۽ دانش تيمور 2014 ۾ شادي ڪئي هئي، ٻنهي کي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد آهي.