لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو ) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ سي ٽي اسڪين ۽ ايم آر آءِ مشينون چئن مهينن کان خراب هئڻ ڪري مريض ڳريون فيسون ڀرڻ تي مجبور آهن.مريضن جي وارثن خان محمد بروهي، جان محمد مغيري، دوست محمد لاکير ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سي ٽي اسڪين ۽ ايم آر آءِ ٽيسٽن لاءِ چانڊڪا اسپتال جا پنڌ ڪري ٿڪجي چڪا آهيون پر هر ڀيري مشينون خراب ڄاڻائي موٽايو پيو وڃي. غريب آهيون ڳريون فيسون ڀري خانگي ليباريٽرين يا سينٽرن تان ٽيسٽون ڪرايون.چانڊڪا اسپتال جي انتظاميه کي شڪايتون ڪيون پر ڪن لاٽار ڪري مشينن کي ٺيڪ ڪرائڻ لاءِ جوڳا قدم نه پيا کڻن.ٻئي طرف ايم ايس لاڙڪاڻو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته پراڻي مشين آهي، جيڪا بار بار خراب ٿئي ٿي، ٻن ڏينهن ۾ مرمتي ڪم ٿي ويندو، نومبر مهيني ۾ نئين سٽي اسڪين مشين اچي ويندي، جنهن سان مريضن کي سھولتون ملي سگهنديون.