چانڊڪا اسپتال ۾ ڀڃ ڊاھ واقعو: غنويٰ ڀٽو پاران عنايت عمراڻي کان لاتعلقي جو اعلان

0
371

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندڙ عنايت عمراڻي کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي

غنويٰ ڀٽو حملي ۾ زخمي ٿيل ڊاڪٽر کي فون ڪري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو، غنويٰ ڀٽو چيو آهي ته عمراڻي کي پارٽيءَ مان ڪڍيو ويو آهي

غنويٰ ڀٽو جو چوڻ ھو تھ ذوالفقار جونيئر به ملڪ کان ٻاهر آهي، کيس ٻڌائي ڇڏينديس، عنايت عمراڻي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي

ٻئي پاسي چانڊڪا اسپتال ۾ مبينا ڀڃ ڊاهه واري واقعي جا 2 ڪيس داخل ڪيا ويا، چانڊڪا اسپتال ۾ مبينا ڀڃ  ڊاهه واري واقعي جا 2ڪيس داخل، ڊاڪٽرن پاران احتجاج ختم ڪيو ويو

پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ عنايت عمراڻي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڊاڪٽرن احتجاج ختم ڪري ڇڏيو، گذريل ڇنڇر ڏينهن عنايت عمراڻي جي نانگ ڪکيل ڀائيٽي پريسا اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي