چار هفتن جي تاريخ ڏيڻ جي اُميد نه هئي، اڄوڪي فيصلي تي مايوسي ٿي آھي:پي ٽي آءِ اڳواڻ

0
285

ڪراچي: پي ٽي آءِ اڳواڻن فردوس شميم نقوي ۽ خرم شير زمان سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ جمھوريت سان مذاق ٿي رھيو آھي، سنڌ سرڪار عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي

فردوس شيم چيو ته چار هفتن جي تاريخ ڏيڻ جي اُميد نه هئي، اڄوڪي فيصلي تي مايوس ٿيو آهيان، سنڌ ۾ جمهوريت سان مذاق ڪيو پيو وڃي، اميد ڪريون ٿا ته 22 نومبر تي اليڪشن ڪميشن وارو فيصلو اڄوڪي فيصلي جي کوٽ کي پورو ڪندو

پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مڪاني چونڊ ملتوي ڪرائڻ چاهي ٿي، پوليس کي ٻوڏ متاثرن لاءِ اماڻيو ويو آهي، پر متاثر اڄ به دربدر آهن

ھي به پڙھندا

سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم