ابوظهبي(انٽرسٽنگ نيوز) گڏيل عرب امارات جي چار سالن جي نينگر ڪتاب شايع ڪرائي مردن جي ڪيٽيگري ۾ ڪتاب شايع ڪندڙ دنيا جي ننڍي عمر جي فرد جو گنيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي نانءِ ڪري ورتو آهي. گنيز ورلڊ رڪارڊز موجب ڪتاب “دي ايليفينٽ سعيد اينڊ دي بيئر” جي شايع وقت سعيد راشد المهيري جي عمر 4 سال ۽ 218 ڏينهن هئي. اداري موجب ان رڪارڊ جي تصديق ڪتاب جي 1000 ڪاپيون فروخت ٿيڻ کانپوءِ ڪئي وئي. سعيد راشد المهيري موجب اهو پنهنجي ڀيڻ مان متاثر آهي. هن جي ڀيڻ وٽ عورتن جي ڪيٽيگري ۾ 2 زبانن ۾ ڪتاب ضايع ڪندڙ ننڍي عمر جي فرد ۽ عورتن جي ڪيٽيگري ۾ 2 زبانن تي لاڳاپيل ڪتاب جي سيريز شايع ڪندڙ ننڍي ترين فرد جو گنيز ورلڊ رڪارڊ موجود آهي.