ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ايف آءِ اي پاران چائلڊ پورنوگرافي جو مواد شيئر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيل جوابدار محمد عظيم کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو، ڪالهه جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارچائلڊ پورنوگرافي جو مواد شيئر ڪرڻ ۾ ملوث آهي، سندس موبائل فون مان چائلڊ پورنوگرافي جو مواد  هٿ ڪيو ويو آهي، اسان اهو موبائل فرانزڪ لاءِ ليبارٽري موڪليو ويو آهي، جوابدار خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو  آهي