ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف به سندس اتحادي ۽ پارٽي اڳواڻ سرگرم ٿي ويا آهن، ٽن اهم اڳواڻن گڏجاڻي ڪري سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. مليل رپورٽن موجب بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر مير عبدالقدوس بزنجو، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سردار يار محمد رند ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي اهم اڳواڻ ۽ استعيفا ڏيندڙ وزير محمد صالح ڀوتاڻي وچ ۾ ڪوئيٽا ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ سياسي صورتحال، بلوچستان جي حڪومت جي معاملن ۽ وڏي وزير ڄام ڪمال جي رويي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات جا تفصيل سامهون نه آندا ويا آهن پر ڄام ڪمال خلاف بغاوت جي خبرن بعد هي ملاقات اهميت اختيار ڪري وئي آهي. مبصرن جو چوڻ آهي ته ان ملاقات جا بلوچستان جي بجيٽ ۽ بجيٽ جي منظوري تي گهرا اثر پوندا.