ڄام ڪمال خان پاران پارٽي جي صدارت تان استعيفيٰ ڏيڻ وارو فيصلو واپس

0
201
ڄام ڪمال خان پاران پارٽي جي صدارت
ڄام ڪمال خان پاران پارٽي جي صدارت تان استعيفيٰ ڏيڻ وارو فيصلو واپس

ڪراچي(م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان بلوچستان عوامي پارٽي جي صدارت تان استعيفيٰ ڏيڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڏيو.

ڄام ڪمال وڏي وزير سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ذريعي بلوچستان عوامي پارٽي جي صدارت تان دستبرداري جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي عوامي نيشنل پارٽي، هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ جمھوري وطن پارٽي کان علاوه بلوچستان عوامي پارٽي اسيمبلي جا حامي ميمبر به موجود هئا.

ڄام ڪمال چيو ته هن وٽ وڏي وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ ڪو آپشن ناهي ۽ هو هر قسم جي سياسي بحران کي منهن ڏيندو، صوبي جي حڪومت هلي رهي آهي ۽  ڪابينا جو اجلاس به ٿيو آهي.

وڏي وزير چيو ته بي اعتمادي رٿ بابت نمبر گيم سڀني جي سامهون اچي ويندو، پي ٽي آءِ جي هڪ ميمبر کانسواءِ سمورا ميمبرز اسان جڳ ساٿ ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ٻيا اتحادي به اسان سان گڏ آهن، هر قسم جي سياسي بحران کي منهن ڏينداسين ۽ 5 سالن تائين معاملا هلائيندا رهنداسين.

هن و ڌيڪ چيو ته هن گذريل ٽن سالن ۾ آصف علي زرداري سان ملاقات ناهي ڪئي ان ڪري ان حوالي سان خبرون درست ناهن.

بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته هن پارٽي جي چيف آرگنائيزر جان جمالي کان چيو ته هو پارليامينٽ جي سمورن ميمبرن کي ويهاري اسان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

ھي به پڙھندا

بي اي پي جي ناراض ميمبرز ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي