ڄام نوازعلي (ن پ ا) پراڻي نئون آباد ۾ 16 ورهين جو پورهيت آصف علي ولد محمد خان چنڊ جو گاهه جي ڪترواري مشنين ۾ هٿ ڪٽجي ويو، نوجوان کي بيهوشي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو، وارثن موجب ته  پورهيت جو ڪتر واري تيز  مشين ۾ هٿ اچي ويو، جنهن سبب سندس هٿ ڪٽجي  ويو آھي، غريب مسڪين آهيون، علاج لاء پئسا نه آهن.