ڄام نواز علي (ن پ ا) نئون آباد جي بزرگ  هستي  سخي سيد  سنهڙو شاه جو سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي  ٻئي ڏينهن ملاکڙي ۾ ملهه پهلوانن ۾ چوٽي جا مقابلا ٿيا. ملاکڙي ۾  سنڌ ۽ پنجاب جي ڀلوڙ ملهه پهلوانن ۾ چوٽي جا مقابلا ٿيا، جن ۾ سيد صادق شاهه، لالاغلام حسين پٺاڻ، گل بهار ڀنڀرو، بادل مري، مدد ٻٻر، مير حسن ڀنڀرو، فقير ارباب خاصخيلي، راهب شيدي، طالب چانڊيو ۽ ٻين ۾ چوٽي جا مقابلا ٿيا. جڏهن ته  ملهه مقابلن دوران  ڀلوڙ ڪامياب ملهه پهلوانن کي رئيس جعفر خان لسڪاڻي، پيار علي لسڪاڻي، صحافي امتياز لسڪاڻي، امداد بلوچ، مير ساگر ، حاڪم بلوچ گل مري، نعيم راجپوت، شاڪر راجپوت  ۽ ٻين  انعام پڻ ڏنا.