ڄام نوازعلي (ن پ ا) ٻيراڻي ٿاڻي جي حد ڄام برانچ لڳ گذريل ڏينهن 8 سالن جي ٻارڙي سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار سومار ڀيل پوليس آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، رابطو ڪرڻ تي ٻيراڻي پوليس ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪرڻ دوران واقعي واري هنڌ جوابدار جي پيرن جا نشان مليا آهن جوابدار ڏوهه جو اعتراف به ڪيو آهي ميڊيڪل جي ابتدائي رپورٽ ۾ جنسي ڏادائي جي تصديق به ٿي آهي، جڏهن ته واقعي جو ايس ايس پي سانگهڙ نوٽيس ورتو آهي، وڌيڪ واقعي جي جاچ لاءِ ليڊي انسپيڪٽر ڪوثر پروين کي انڪوائري لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. معصوم ٻارڙيءَ جو علاج ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽر نزهت ولي ٻڌايو ته معصوم ٻارڙي جا جزا ورتا ويا آهن جن کي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويندا، شروعاتي رپورٽ ۾ ٻارڙي سان جنسي ڏاڍائي ٿيل آهي.