ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب ۾ ڳوٺ فقيرمحمد بروھي جي رھواسين مراد بخش بروھي، نور احمد بروھي، سڄڻ بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي  مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي هنن چيو ته گپچاڻي پوليس جا اھلڪار مسعود بروھي ،آصف بروھي ۽ واجد بروھي اسان غريبن لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آھي، ھر روز گھرن تي چڙھايون ڪري پريشان ڪري رھيا آھن، هنن نوٽيس وٺي تدارڪ جي گهر ڪئي،