ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب جي ڳوٺ مير حيدر ٽالپر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي شاهنواز چانڊيو، محب علي چانڊيو، نصير چانڊيو، مختيار چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سندن ڳوٺ ۾  برساتي پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آھي، جنهن کي ڪير به نيڪال ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته پاڻي بيٺل هجڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن ڪري بيماريون منهن ڪڍي سگهن ٿيون، هنن مطالبو ڪيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي،