ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب جي ڳوٺ سھراب خان بروھي جي رھواسي پورھيت محمد رفيق بروھي جا 3 ٻارڙا پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ پورھيت محمد رفيق ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته ھڪ نياڻي ۽ 2 پٽ ٽنگن ۽ ٻانھن کان معذور هجڻ سبب ھلڻ ڦرڻ کان لاچار آهن، هن ٻڌايو ته ٻارڙن جي علاج تي گھڻو خرچ ڪري چڪو آهيان هاڻي غربت سبب وڌيڪ علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهي، هن چيو ته برسات سبب اجھو ڊھي پٽ پئجي ويو آھي، هن سرڪار ۽ سرندي وارن کي معذور ٻارڙن جي علاج ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي،