ڄام صاحب (رپورٽ: بشير شر) ڄام صاحب ويجهو ڪرائي جي معاملي تان منهن ماري بعد هٿياربندن رستا روڪ ڪري رڪشا ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار، 2 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، خبر موجب گپچاڻي روڊ تي ڳوٺ خان محمد ڏنگراچ واسي 23 سالا رضا محمد عرف اقبال ڏنگراج ڄام صاحب کان ڦٽي رڪشا تي پنھنجي ڳوٺ وڃي رھيو ھو ته موٽرسائيڪل سوار 2 ھٿياربندن کيس روڪي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا،  اطلاع تي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش پي ايم سي اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نوجوان جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، مقتول جي ڀاءُ ولي محمد ڏنگراج چيو ته سندن ڀاءُ جي ڪجهه ڏينهن اڳ رڪشا جي ڪرائي جي معاملي تان عبدالحميد شر ۽ ٻين سان منهن ماري ٿي هئي، جن کيس قتل ڪري ڇڏيو، هن چيو ته قتل ۾ عبد الحميد شر ۽ هڪ نامعلوم جوابدار ملوث آهن، کين گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، آخري اطلاعن موجب واقعي جو مقتول جي ڀاءُ ولي محمد ڏنگراج جي فرياد تي ٻن جوابدارن عبد الحميد شر ۽ هڪ نامعلوم خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي هئي.