ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب لڳ معصوم ٻارڙي شاخ ۾ ٻڏي فوت، خبر موجب ملنگ موري ڀرسان ڳوٺ محمد اسماعيل بروھي واسي پورھيت راشد علي شر جي 4 سالن جي معصوم نياڻي نصيحت ڪناري تي راند کيڏڻ دوران پير ترڪڻ سبب شاخ ۾ ٻڏي فوت تي وئي، اطلاع تي وارثن پهچي ٻارڙي جو لاس شاخ مان ڪڍي ورتو، ٻارڙي جو لاش گهر آندو ويو ته ڪھرام مچي ويو.